فيض گنج جي علائقي ڪوٽ لالو ڀرسان ٿيل خوفناڪ روڊ حادثي ۾ ڇهن ڄڻن جي چيڀاٽجي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ٺري ميرواهه کان ڪراچي تائين هلندڙ المرتضيٰ وين سروس جي مالڪ غلام مرتضيٰ ڪٻر، الطاف حسين ڪٻر ۽ نويد علي ڪٻر کي نامزد ڪيو ويو. فريادي پاران ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته جڏهن ٻارڙن کي ڪوٽ لالو ڀرسان ڳوٺ غلام نبي آرائين ۾ الرمضان ماڊل اسڪول ڇڏڻ لاءِ نيو پئي ويو ته ڄاڻي ٻجھي اسڪوٽر تي سوار ٻارڙن مٿان گاڏي چاڙهي چيڀاٽي قتل ڪيو ويو. ڪالهه صبح ڪوٽ لالو ويجهو ٻن وينن جي ريس دوران المرتضيٰ وين اسڪول ويندڙ 5 معصوم ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو هو. ٻي پاسي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گذريل رات کان وٺي ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن. انڊس هاءِ...