گھوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي سڏ تي گھوٽڪي ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو. گهوٽڪي ۾ وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. وڪيل اڳواڻن احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ميرپورماٿيلي ۾ به تعلقي بار عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ۾ شريڪ وڪيل اڳواڻ منصور نائچ، محمد مراد لنڊ ۽ ٻين چيو ته روزاني بنيادن تي چوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي. ھنن چيو ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي. سندن چوڻ هو ته گھوٽڪي ضلعي جي ٿاڻن تي رشوت وٺڻ کانسواءِ ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي. اڳواڻن چيوته جائز ايف آر داخل ڪرڻ تي 20 کان 30 ھزار مقرر ٿيل آھن. ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي عمر طفيل کي فوري طور تي ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ کي وڌايو ويندو.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...