ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حمزه شهباز جو نالو وٺڻ چالاڪي آهي، بلاول پارٽيءَ جو چيئرمين ضرور آهي پر اڃا سياست سکيَ، سندس ايتري عمر کان وڌيڪ سياست ۾ سندن تجربو آهي، ڄاڻن ٿا ته ڪهڙي ڪهڙي چال کيڏي پئي وڃي؟ جڏهن گول ڪرڻ جو وقت آيو ته پ پ حڪومت سان هٿ ملائي ڇڏيو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پيپلزپارٽيءَ پي اي پي کان ووٽ وٺي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو ورتو ويو. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جي ڀرپور حمايت ڪئي، کيس سينيٽر چونڊرايو، چيئرمين جي اليڪشن ۾ به ن ليگ سمورن ميمبرن گيلاني کي ووٽ ڏنو، رد ٿيل ست ووٽ پ پ جي سينيٽر جا هئا. احسن اقبال چيو ته نوازشريف نه اسيمبليءَ ۾ نه ئي وٽس ڪو عهدو آهي، استعيفائن کي سندس اچڻ سان ڳنڍڻ درست ناهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته پ پ بلوچستان عوامي پارٽيءَ سان اتفاق ڪيو آهي ته ان بابت ذهنن ۾ شڪ وڌيا آهن، ان ڪري پ پ کان وضاحت گهري پئي وڃي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...