سرهاڙي ويجهو هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ سمون مگسي جي رهواسي نوجوان عطا الله ولد لونگ مگسي کي رات دير هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي وئي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان سرهاڙي مان واپس اچي رهيو هو ته ڳوٺ جي ڀرسان هٿياربند فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ چاچ ڪري رهيا آهن، پوسٽ ماٽم رپورٽ اچڻ کان بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...