حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ سزا يافته قيدي دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ذريعن موجب، سينٽرل جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدي شريف ڪاليه دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف عرف ڪاليه جو تعلق سياسي جماعت سان هو. ذريعن موجب، شريف ڪاليه غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ ٻين ڪيسن ۾ سينٽرل جيل ۾ سزا ڀوڳي رهيو هو. شريف ڪاليه جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو.
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاج
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا....