وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر تسليم ڪيو ته عمران خان وڌيڪ ٻه سال رهندو، پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ به حڪومت ٺاهي رهي آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڊرون حملي ۾ پاڪستان جو ڪو به عمل ناهي، ڀارت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام پيو مڙهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته هو امن لاءِ آمريڪا سان گڏ آهن. راولپنڊي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته مستقبل ۾ ملڪي سلامتي جي سياست ٿيندي، مخالف ڌر ۽ حڪومت گڏجي هڪ راهه تي هلنديون. هن چيو ته هو گهڻي وقت کان چوندو پيو اچي ته ن مان شين نڪرندو، شهبازشريف ۽ مريم نواز گهڻو پري هليا ويا آهن، ٻنهي جي سياست به مختلف آهي. شيخ رشيد چيو ته دعا آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي صورتحال پيدا نه ٿئي، افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم چيو ته هو امن لاءِ آمريڪا سان گڏ آهن، دنيا جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن. گهرو وزير چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، هڪ ڪروڙ تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ جا ووٽ ٿي سگهن ٿا، مستقبل ۾ ملڪي سلامتي جي سياست ٿيندي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڊرون حملي ۾ پاڪستان جو ڪو به عمل ناهي، ڀارت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام پيو مڙهي. شيخ رشيد چيو ته ملڪ ويهن ورهين کان دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيو آهي، افغانستان ۽ ايران جي سرحد تي ڪنڊيدار تار جو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...