ٺٽي ويجهو ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻڏي ويل ڪراچي واسي ٽن ڄڻن جا لاش هٿ اچي ويا. ڪينجهر جي ڪاري پهاڙي واري علائقي ۾ تفريح لاءِ ويل ڪراچي جا رهواسي ٽي نينگر اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويا. ريسڪيو عملو نه هجڻ سبب مقامي ٽوٻن ذريعي ٻڏي ويل ٽن ڄڻن جا لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيا جيڪي ڪراچي کڻائي ويا. ٻڏي ويلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو تفريح لاءِ آيا هئا جتي سندن ٽي نينگر ٻڏي ويا. هنن چيو ته ريسڪيو عملو نه هجڻ سبب سندن پيارن جي ڳولا ۾ ڏکيايون پيش آيون.