ڀارتي ليجنڊ اداڪار محمد يوسف خان عرف دليپ ڪمار 98ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب، دليپ ڪمار ساهه جي تڪليف سبب ممبئي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته دليپ ڪمار 98ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي جي اسپتال ۾ دم ڏنو. دليپ ڪمار پشاور جي خدا داد پاڙي ۾ 11 ڊسمبر 1922 پيدا ٿيو هو. دليپ ڪمار جو اصل نالو محمد يوسف خان هو. دليپ ڪمار 65 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو. دليپ ڪمار کي پاڪستاني حڪومت طرفان 1998 ۾ نشان پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو. دليپ ڪمار کي ڀارت جو سڀ کان وڏو اعزاز دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ به ڏنو ويو.
سنڌي ميڊيا جو بهترين ڊائريڪٽر ۽ سنڌ ٽي وي جو اڳوڻو پروگرام مئنيجر طاهر آرائين لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌي ميڊيا جو بهترين ڊائريڪٽر ۽ سنڌ ٽي وي جو اڳوڻو پروگرام مئنيجر طاهر آرائين لاڏاڻو ڪري ويو. طاهر آرائين...