دھشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون ڪيس ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر ۽ الاهي بخش بڪڪ سميت 150 قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ھڪ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ قومپرست اڳواڻن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر ۽ الاهي بخش بڪڪ سميت 150 قومپرستن جي هڪ ڪيس ۾ 20 ھزارن رپين جي ڪاغذن عيوض ضمانت منظور ڪئي. عدالت ٻن ڪيسن 247 ۽249 ۾ ضمانت لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي جاچ آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته اڄ ئي پوليس پيپر جمع ڪرايا وڃن. پوليس پاران ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي تائين مھلت گھري وئي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آھي. عدالت ڪيس 258 ۾ صنعان قريشي سميت 150 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري چڪي آھي. سينٽرل جيل ۾ قائم ٿيل اي ٽي سي ٻاھران صنعان قريشي جو ڀاءُ ڪوثين ۽ ٻين ڪارڪنن جا وارث وڏي انگ ۾ موجود ھئا.
سنڌ ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 5 مريضن فوت ٿي ويا
سنڌ ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 5 مريضن فوت ٿي ويا ۽ جڏهن ته هڪ هزار 69 مريضن اسپتال ڀيڙو ٿي...