سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ڪتن پنجن ٻارڙن سميت اٺن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. پريالوءِ ڀرسان رولو ڪتن جو آزار گهٽ نه ٿي سگهيو هو، ڪتي نينگر کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. شهر جي سرڪاري اسپتال وٽ ڪتي پنجن ورهين جي نينگر حارث شيخ کي چڪي زخمي ڪيو. نينگر کي ويڪسين جي لاءِ ڳاڙهي موري اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ هجڻ ڪري نينگر کي ويڪسين نه ٿي سگهي. متاثر ٻار جي وارثن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين انمول ٿي وئي آهي. هنن چيو ته حارث کي ويڪسين نه ٿيڻ ڪري سندس زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي. ٻار جي وارثن جو چوڻ هو ته انتظاميه کي ڪافي ڀيرا ڪتا مار مهم هلائڻ لاءِ چيو آهي ته پر ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. متاثرن جي وارثن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد کان جلد ڪتا مار مهم هلائي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي… قمبر شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم نه ٿي سگهيو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي ڇتن ڪتن وڌيڪ ٻن معصوم ٻارڙن سميت 5ڄڻن ڏاڙهي زخمي ڪيو. زخمين ۾ 50 ورهين جي مسمات اقبال خاتون 25 سالن جي روش علي 30 سالن جي ذاڪر حسين 6 سالن جي معصوم طارق علي ۽ 4 سالن جي ياسين شام آهن. متاثرن کي قمبر جي سول اسپتال مان وئڪسين ڪرائي وئي . عثمان شاهه هڙي ڀرسان ڳوٺ مال خان ٿيبو ۾ ڪت ڇهن ورهين جي نينگر انو ڀيل کي ڏاڙهي زخمي ڪيو. نينگر کي ويسين جي لاءِ پي پي ايڇ آءِ عثمان شاهه هڙي منتقل ڪيو ويو، جتي ويڪسين نه هجڻ ڪري کيس ٽنڊي الهيار نيو ويو… ٽنڊي باگي ويجهو به ڪتي اٺن سالن جي نينگري کي چڪي زخمي ڪيو. ڳوٺ ڇٽو ملاح واسڻ نينگري حاڪم زادي کي راند ڪرڻ تي ڪتي ڏاڙهيو. متاثر نينگري کي ويڪسين جي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري کيس انڊس اسپتال نيو ويو.
سنڌ ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 5 مريضن فوت ٿي ويا
سنڌ ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 5 مريضن فوت ٿي ويا ۽ جڏهن ته هڪ هزار 69 مريضن اسپتال ڀيڙو ٿي...