اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، ايف ايف اي ٽي ايف کان ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان جي خاص ٽيم ذريعي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رحمان ملڪ، ايف اي ٽي ايف کي صدر کي خط لکيو. خط ۾ رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان کي ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ سامهون رکيو وڃي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف طرفان پاڪستان سان متڀيد ۽ ڌر واري ورتاءُ جي هو مذمت ڪري ٿو. رحمان ملڪ چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جيَ شنڪر چيو ته ڀارت يقيني بڻايو ته پاڪستان گري لسٽ مان نه نڪري سگهي، سندس اعتراف ايف اي ٽي ايف جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان بعد پاڪستان خلاف ايف اي ٽي ايف جي ڪارروائي تڪراري ٿي وئي آهي، ايف اي ٽي ايف جي پاڪستان خلاف تڪراري پاليسي عالمي سطح تي وائکي ٿي وئي آهي.
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...