جاتي ۾ مالهياشاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جاتي جي ڳوٺ اوڏ موچي، حاجي موچي ۽ عبدالله موچي جي رهواسين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ٽيم واپس کي واپس اماڻي ڇڏيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳچ عرصي کان مالهيا شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري هو پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته فصل نه ٿيڻ ڪري آبادگار معاشي طور تي ڪنگال بڻجي ويا آهن. سندن چوڻ هو ته ڪافي ڀيرا ڪامورن کي شڪايت ڏئي پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. ڳوٺاڻن چيو ته هنن مجبور ٿي پوليو موهم جو بائيڪاٽ ڪيو، جيستائين مطالبو منظور نه ٿيندو تيسائين ڦارڙن کي ڦڙا نه پياريا ويندا.
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، اسلام ڪوٽ ۾ ناريءَ کوهه ۾ ٽپو...