افغانستان ۾ جي جنگ جاري آهي، طالبان اهم اڳڀرائي ڪندي شهر قنڌار ۽ لشڪر گاهه تي به قبضو ڪري ورتو، جڏهن ته افغان نائب صدر امر الله ڪابل مان ڀڄي ويو. افغان طالبان اهم اڳڀرائي ڪندي افغانستان جي اهم شهر قنڌار ۽ لشڪر گاهه تي به قبضو ڪري ورتو آهي. طالبان 34 مان 17صوبن جي گادي وارن شهرن تي قبضو ڪري چڪا آهن. قندار، غزني ۽ هرات کانپوءِ طالبان جي قبضي ۾ ويندڙ اهم شهر آهي. قنڌار تي طالبان جي قبضي کانپوءِ حالتون پرسڪون آهن ۽ شهر مان لڏپلاڻ ڪندڙ شهرين جي واپسي شروع ٿي وئي آهي. افغان ميڊيا موجب طالبان جي تيزيءَ سان اڳڀرائي کانپوءِ افغانستان جو نائب صدر امر الله ڪابل مان ڀڄي ويو آهي. صوبي لوگر جي صوبائي ڪائونسل جي ٻن ميمبرن پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪندي چيو ته طالبان صوبائي راڄڌاني پل عالم ۾ داخل ٿي چڪا آهن. هنن ٻڌايو ته طالبان پوليس هيڊ ڪوارٽر تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ڇتي ويڙهه جاري آهي. لوگر صوبي جي سرحد ڪابل سان ملي ٿي ۽ پل عالم جو روڊ سڌو وڃي ڪابل سان ملي ٿو. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد تصديق ڪندي چيو ته هرات ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندڙ مليشيا جي ڪمانڊر اسماعيل خان به ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري طالبان جو حصو بڻجي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي اسماعيل خان جون طالبان سان تصويرون وائرل ٿي ويون آهن.
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. نئين فوجي ڀرتي واري نظام تحت،...