پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ آپريشن ۽ نيڪالي وقت مشورو نه ڪيو، نيڪالي جو فيصلو به سندن راءِ کانسواءِ ڪيو ويو، پنهنجي ناڪامي تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، اشرف غني جي حڪومت ڪابل تائين محدود هئي، پاڪستان گهڻا الزام برداشت ڪيا هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ آپريشن لاءِ پاڪستان سان مشاورت نه ڪئي هئي پر ڊر مورو جو مطالبو ٿيندو رهيو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، ڳالهين ۽ نيڪالي واري عمل گڏوگڏ هلڻ گهرجي ها پر اوچتو نيڪالي وارو فيصلو سندن بنا صلاح مشوري جو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي، سندن 80 هزار شهادتون ٿيون ۽ کين 150 ملين ڊالرز جو نقصان ٿيو، ان باوجود 20 لک جي لڳ ڀڳ پناهگيرن کي سنڀاليو. شاهه محمود قريشي چيو ته دنيا گواهه آهي ته 30 لک افغان مهاجرن جي ميزباني ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته هو افغان امن ڪوششن ۾ ڀائيوار بڻجڻ چاهين ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ علائقائي استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري کي ڪابل ۾ ڦاٿل شهرين جي نيڪالي ۾ ڏکيائون آهن، هو مدد ڪري رهيا آهن.
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...