اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو، جڏهن ته اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ميٿيو هيڊن کي بيٽنگ ۽ ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ورنون فلينڊڙ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي نئين چيئرمين جي چونڊ لاءِ گورننگ باڊي جو خاص اجلاس اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ عظمت سعيد جي صدارت هيٺ ٿيو. گورننگ بورڊ جي ميمبر عاصم واجد جواد، عاليه ظفر، اسد علي خان، عارف سعيد، جاويد قريشي، رميز راجا ۽ وسيم خان خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي ايسوسي ايشن جو چونڊ عمل مڪمل نه هجڻ سبب ڪو چونڊيل نمائندو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. اڳوڻي ڪپتان ۽ گورننگ باڊي ۾ پيٽرن ان چيف وزيراعظم عمران خان طرفان نامزد ڪيل رميز راجا بنا مقابلي پي سي بي چيئرمين چونڊجي ويو. رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو 36 هون چيئرمين آهي، کيس احسان ماني جي جاءِ تي پي سي بي چيئرمين شپ ڏني وئي. احسان ماني ٽن سالن تائين پي سي بي چيئرمين جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. پي سي بي چيئرمين چونڊجڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا چيو ته مصباح الحق ۽ وقار يوسف محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو، سندن استعيفيٰ ڏيڻ ۾ سندس ڪو به ڪردار ناهي. هن چيو ته کين ڊنل پاڪستاني ٽيم کي شينهن بڻائڻو آهي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ بهترين ٽيم چونڊي وئي آهي، ميگا ايونٽ ۾ ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر قومي ٽيم جا ڪوچ هوندا. رميز راجا چيو ته اميد ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ٻئي ڪوچز ٽيم کي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پي سي پي چيئرمين چيو ته رويو ۽ سوچ تبديل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، ايندڙ ڏينهن اندر ڪرڪيٽ ۾ بهتري نظر ايندي، ڪرڪيٽ کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي...