سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيل جا اگهه اڃا به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئنٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته اگهه وڌندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جا اگهه خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن. فواد چوڌري چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...