نيوزيلينڊ سڪيورٽي خدشن کي جواز بڻائي پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ون ڊي ۽ ٽي ٽوئٽي سيريز ملتوي ٿي ويو آهن. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ ۾ دير ٿي، جنهن ڪري مختلف خبرون هلڻ لڳيون. پهريان اها خبر سامهون آئي ته ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ بعد ميچ ملتوي ڪئي وئي پر بعد ۾ پي سي بي پاران ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾چيو يوو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم سڪيورٽي خدشن جي بنياد تي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته نيوزلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اوچتو آگاهه ڪيو ويو ته کين سڪيورٽي الرٽ مليو آهي، ان ڪري هڪ طرفي طور سيريز ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پي سي بي موجب پاڪستان دورو شيِڊيول موجب جاري رکڻ جو خواهشمند آهي پر نيوزيلينڊ سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب ڪرڪيٽ جي مداحن کي سخت مايوسي ٿي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم سڪيورٽي خدشن سبب راولپنڊي ۾ پهرين ون ڊي ميچ کيڏڻ لاءِ اسٽيڊيم اچڻ کان انڪار ڪيو، پي سي بي طرفان ڪيترائي ڪلاڪ ڪيوي بورڊ کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن هڪ به نه مڃي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيٽو چيو ته موجوده صورتحال ۾ هو دورو جاري نه ٿا رکي سگهن. ان معاملي تي وزيراعظم عمران خان، پاڻ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن سان رابطو ڪيو ۽ کين خاطري ڪرائي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئٽ ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان، نيوزيلينڊ جي وزيراعظم کي چيو ته پاڪستان جا ڳجها ادارا دنيا جي بهترين انيٽيليجنس نظام ۾ شامل آهي، جن جي راءِ آهي ته نيوزيلينڊ کي ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي، پر نيوزيلينڊ جي وزيراعطم احتياط جي پاليسي تحت دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي...