قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي دل جي عارضي سبب لاهور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو . قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻو چيف سليڪٽر انضمام الحق جي مئنيجر موجب انضمام الحق کي اوچتو دل ۾ تڪليف ٿي پئي، جنهنڪري کيس هڪدم اسپتال منتقل ڪيو ويو. خانگي اسپتال ۾ ڊڪٽرن انضمام الحق جي انجيو پلاسٽي ڪري کيس هڪ اسٽنٽ لڳايو آهي. مئينجر موجب انضمام الحق جي طبيعت هاڻ بهتر آهي ۽ هن پنهنجن پرستارن کي جلد صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي.
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي...