وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهبازشريف مفاهمت جي ڪوشش ڪري ٿو پر مريم سندس محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي ٿي، اليڪشن ويجهو ايندي هو پ پ ۽ ن ليگ ۾ نئين صفبندي ٿيندي ڏسي رهيو آهي، مريم نواز پاڪ فوج خلاف خوبي بيان پئي ڏي، جيڪي غير ذميواراڻا آهن، ن ليگ پاڪ فوج خلاف موقف جي سزا ڀوڳي رهي آهي، پاڪستان جي حساس ادارن کي نشانو نه ٿو بڻائي سگهجي، پنڊورا ليڪس ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته ادارن خلاف بيان ڏنا پيا وڃن، مريم نواز پاڪ فوج خلاف خوبي بيان پئي ڏي، جيڪي غير ذميواراڻا آهن. هن چيو ته فوج جمهوريت سان گڏ آهي، جيڪڏهن ن ليگ جي سياست ختم ٿي ته ذميوار مريم نواز هوندي. شيخ رشيد چيو ته نوازشريف جو وقت گذري ويو آهي، مريم نواز شهبازشريف جي مفاهمت وارين ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏي ٿي. وفاقي گهرو وزير چيو ته اليڪشن ويجهو ايندي هو پ پ ۽ ن ليگ ۾ نئين صفبندي ٿيندي ڏسي رهيو آهي. شيخ رشيد چيو ته ن ليگ پاڪ فوج خلاف موقف جي سزا ڀوڳي رهي آهي، پاڪستان جي حساس ادارن کي نشانو نه ٿو بڻائي سگهجي. گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج قومي ذميواريون شاندار انداز سان نڀائي رهي آهي، حڪومت جي مدد ڪرڻ فوج جي ذميواري ۾ شامل آهي. شيخ رشيد چيو ته پنڊورا ليڪس ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.گهرو وزير چيو ته مئل ماڻهن جي ويڪسينيشن جي خبرن کي سازش تحت هٿي ڏني پئي وڃي، ڪارڪردگي سبب اين سي او سي جي دنيا ۾ واکاڻ ٿي آهي.
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...