اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي پارٽي فنڊنگ تائين پهچ ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي پرڏيهي فنڊنگ بابت ٻڌڻي ٿي.
اليڪشن ڪميشن ممڪلتي وزير فرخ حبيب جي درخواست منظور ڪندي پي ٽي آءِ کي مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي پارٽي فنڊنگ جي رڪارڊ تائين پهچ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ کي شڪست ٿي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جا 7 ۽ پ پ جا 12 اهڙا اڪائونٽ نڪتا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کان درخواست ڪئي وئي ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي اڪائونٽن جي جاچ پڙتال لاءِ رڪارڊ تائين پهچي ڏني وڃي، اليڪشن ڪميشن فنانشل ايڪسپرٽ ذريعي رڪارڊ جي جاچ پڙتال جي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ممڪلتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز جا جعلي اڪائونٽ سامهون آندا ويندا، جيڪي ماڻهو اسٽي پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا کين هاڻي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو.هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پ پ رڪارڊ جو جائزو وٺي اليڪشن ڪميشن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪميٽي سامهون رکندا.
وڌيڪ پڙهو…
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...