ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 18 ڄڻا فوت ۽ ڇهه سئو 89 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جڏهن ته ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح هڪ ڏهائي 62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ علاج هيٺ مريضن جو انگ 41 هزار 754 آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان چيو ويو ته ڇهه سئو 89 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن بعد ملڪ ۾ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 12 لک 59 هزار 648 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 28 هزار 152 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر موجب، صحتياب مريضن جو انگ 11 لک 89 هزار 742 ٿي ويو ۽ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 42 هزار 476 کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون. اين سي او سي موجب، ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح هڪ ڏهائي 62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 41 هزار 754 ڪورونا جا مريض علاج هيٺ آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب، اسلام آباد ۾هڪ لک ڇهه هزار 201، خيبر پختونخواهه ۾ هڪ لک 76 هزار 48، پنجاب ۾ چار لک 36 هزار 442، سنڌ ۾ چار لک 63 هزار 167، بلوچستان ۾ 33 هزار 83، آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 354 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 353 ڪورونا جا مريض آهن. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ 12 هزار 792، سنڌ ۾ ست هزار 502، ڪي پي ۾ پنج هزار 650، اسلام آباد 933، بلوچستان ۾ 350، گلگت بلتستان ۾ هڪ سئو 86 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 739 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.
وڌيڪ پڙهو…
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...