دبئي هيروئن کڻي ويندڙ 2 ڄڻن کي ڪراچي ايئر پورٽ تان گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي ماليت جي هيروئن هٿ ڪئي ويئي. ڪسٽم ترجمان موجب ملتان واسي سجاد حسين ۽ غلام سرور نديم بوٽن ۾ هيروئن لڪائي ڪراچي کان دبئي فلائيٽ اي ڪي 603 ۾ وڃي رهيا هئا. ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ۽ ائنٽي نارڪوٽڪس فورس گڏيل ڪارروائي ڪندي ٻنهي ڄڻن جي تلاشي دوران بوٽن مان 24 سئو گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. ڪسٽم ترجمان جو چوڻ هو ته هيروئن اسمگلنگ ڪرڻ تي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪسٽم ترجمان موجب هٿ ڪيل هيروئن جي قيمت 24 ڏهائي 5 ملين رپيا آهي.
وڌيڪ پڙهو…
سنڌ ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 5 مريضن فوت ٿي ويا
سنڌ ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 5 مريضن فوت ٿي ويا ۽ جڏهن ته هڪ هزار 69 مريضن اسپتال ڀيڙو ٿي...