ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ مقابلو ٿيندو. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سپر 12 مرحلي جي پنهنجي ٽين ميچ افغانستان خلاف اڄ دبئي ۾ کيڏندي. ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن آهن. ٻئي طرف گڏيل عرب امارات جي پِچن کي ڏسندي افغانستان کي به خطرناڪ مخالف ٽيم تصور ڪيو پيو وڃي. افغانستان جي ٽيم به هن ٽورنامينٽ ۾ خطرناڪ ٽيم طور سامهون آئي آهي، وارم اپ ميچ ۾ دفاعي چئمپين ويسٽ انڊيز کي سولائي سان هارايو، پوءِ اسڪاٽ لينڊ کي گروپ ٽو جي ميچ ۾ 130 رنز جي وڏي مارجن تان مات ڏني. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ميچ پاڪستاني وقت موجب اڄ شام ستين وڳي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي……
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي...