وارهه ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جوابدار گوليون هڻي ساليءَ ۽ سنڍو کي زخمي ڪري وڌو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڳوٺ فيض محمد سوڍر ۾ جوابدار مجاهد سوڍر جهيڙي دوران گوليون هڻي پنهنجي ساليءَ عزيزان خاتون ۽ سنڍو امداد سوڍر کي زخمي ڪري وڌو. زخمي عزيزان سوڍر ۽ سندس مڙس امداد سوڍر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني ويندي. هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار مجاهد سوڍر کي گرفتار ڪري ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار پنهنجي گهر واري کي ساهرن وٽان وٺڻ ويو ته جهيڙو ٿي پيو ۽ هن گوليون هڻي ساليءَ ۽ سنڍو کي زخمي ڪري وڌو.
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاج
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا....