سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، فهميدا سيال قتل ڪيس ۾ ايس ايس پي قمبر شهداد ڪوٽ جي غير ذميواري تي وزيراعظم عمران خان سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي خط لکي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. حليم عادل شيخ خط ۾ چيو آهي ته فهميده سيال قتل ڪيس ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جو ظالماڻو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته فهميده قتل واقعي ۾ پوليس اهلڪار به شامل هئا، واقعي کان اڳ فهميده سيال جي ماڻهن کي پوليس ذريعي گرفتار ڪيو ويو. حليم عادل شيخ چيو ته فهميده سيال جي قتل بعد حسن سيال کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ايس ايس پي سياسي مداخلت سبب غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو پوليس فهميده قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪري جانبداري جو مظاهرو ڪيو، ايس ايس پي قمبر جي ڪردار سبب پوري سنڌ پوليس بدنام ٿي رهي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته فوري طور تي ايس ايس پي قمبر خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي، فهميده سيال قتل ڪيس ۾ وارثن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعو سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ شهر آهي، پوليس جي موجودگيءَ ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات، اسمگل ٿيل شيون ڪراس ٿينديون آهن.
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاج
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا....