ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو ٻيون سيمي فائنل اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيو ويندو، نيوزيلينڊ پهرين سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي چڪو آهي. آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻي سيمي فائنل ميچ پاڪستاني وقت موجب اڄ رات ستين وڳي شروع ٿيندي، ساڍي ڇهين وڳي ٽاس ڪيو ويندو. سيمي فائنل ميچ دبئي ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان هن ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجيون 2 ميچون ان گرائونڊ تي کيڏي چڪو آهي. پاڪستان ٽيم گڏيل عرب امارات جي سرزمين تي لاڳيتو 16 ميچن ۾ ناقابل شڪست آهي.ٻئي ٽيمون ان کان اڳ چار ڀيرا ڪنهن به فارميٽ ۾ آءِ سي سي ايونٽس جي ناڪ آئوٽ مقابلن ۾ آمهون سامهون ٿينديون. اڄوڪي سيمي فائنل ميچ کٽيندڙ ٽيم فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان مقابلو ڪندي.