اسلام آباد هائيڪورٽ، گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم جي انڪشافن جو نوٽيس وٺندي، جسٽس رٽائرڊ رانا شميم، خبر شايع ڪندڙ اخبار ايڊيٽر ان چيف، ايڊيٽر ۽ صحافيءَ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس رٽائرڊ رانا شميم جي بيانن جو نوٽيس ورتو. جسٽس اطهر من الله، گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا ايم شميم کي صبح ساڍي ڏهين وڳي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. عدالت طرفان خبر شايع ڪندڙ اخبار دي نيوز جي ايڊيٽر ان چيف، ايڊيٽر ۽ صحافي انصار عباسي کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، نوٽيس تي ٻڌڻي صبح ڏهين وڳي ٿيندي. معاملي ۾ هائيڪورٽ جي جج جو نالو اچڻ تي چيف جسٽس اطهر من الله نوٽيس ورتو آهي………
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...