وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ن ليگ سدائين رياستي ادارن تي حملو ڪيو ۽ عدالتن کي اثر انداز ٿيڻ جي تاريخ رکي ٿي، سياسي مافيا ڪيسن کان بچڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج جي بيان واري معاملي تي به غور ڪيو ويو. اجلاس دوران شهزاد اڪبر ۽ بئريسٽر علي ظفر معاملي تي قانون نقطن بابت بريفنگ ڏني. گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته ظاهري طور لڳي ٿو ته ان پلان پويان ن ليگ آهي، قسم نامي تي بيان جو مقصد ن ليگ جي قيادت خلاف ڪيسن کي تڪراري بڻائڻ آهي. بئريسٽر ظفر علي چيو ته عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ تي توهين عدالت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ن ليگ عدالتن تي اثر انداز ٿيڻ جي تاريخ رکي ٿي. هن چيو ته ن ليگ سدائين رياستي ادارن تي حملو ڪيو، سياسي مافيا ڪيسن کان بچڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي.
حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي: شاهد خاقان عباسي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڪابه ٽيڪس ناهي لڳائي، پيٽروليم شين جا اگهه...