سعودي عرب پاڪستان سميت ٻين ملڪن مان سڌي ريت فلائٽ آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽي ارب ڊالر پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ منتقلي لاءِ معاملا به طئه ٿي ويا آهن، رقم هلندڙ هفتي اسٽيٽ بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي ويندي. سعودي عرب طرفان پاڪستان لاءِ فلائٽ آپريشن بحال ڪيو ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٽي سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پهريون پئٽروليم ڊويزن هڙتال ختم ڪري ڇڏي، ٻيو سعودي عرب پاڪستان لاءِ سڌيءَ ريت فلائٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٽيون سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر پاڪستان منتقلي لاءِ معاملا طئه ٿي ويا آهن. هن چيو ته 3 ارب ڊالر رقم هلندڙ هفتي پاڪستان کي ملي ويندا. سعودي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ايندڙ ماڻهو پنج ڏينهن لاءِآئسوليٽ ۾رهندا.
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. نئين فوجي ڀرتي واري نظام تحت،...