اسٽل.ڪراچيءَ جي چڙيا گهر ۾ شينهن جي مرڻ کانپوءِ غفلت ڪندڙ ذميوار آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي. مڪاني کاتي، لاڳاپيل آفيسر خالد هاشمي کي معطل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته غير ذميواري ڪندڙ آفيسر خلاف قائدن تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڄاڻايل آفيسر جي غفلت سبب چڙيا گهر ۾ اڇي رنگ جو شينهن مري ويو هو. چڙيا گهر ۾ شينهن جي مرڻ جو ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽرمرتضيٰ وهاب نوٽيس ورتو هو. مرتضيٰ وهاب نوٽيس وٺندي ڄاڻايل آفيسر خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڏني هئي.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....