مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبزا شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي موجودا شرطن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ مستقبل ۾ حڪومتي نظام مفلوج ٿيڻ جا سنگين خطرا ۽ خدشا آهن. جاري ڪيل بيان م شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي هڪٻي مني بجيٽ قوم قوم کي ٻڌايل سندس ڳالهه سچ ۽ حڪومت ڪوڙي ثابت ٿي آهي، قوم ۽ پارليامينٽث سان ڪوڙ ڳالهايو ويو، قومي مفادن جي تحفظ ۾ حڪومت مجرماڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي ٻڌل مني بجيٽ آڻڻ جو اطلاع ملڪي قومي سلامتي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، خبردار ڪرڻ باوجود موجودا حڪومت معاشي خودمختاري خلاف سازش ثابت ٿي آهي. شهباز شريف چيو ته مني بجيٽ سان گڏ اسٽيٽ بينڪ ۽ جي ايس ٽي بابت قانونسازي پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو معاشي غلام ۽ گورنر کي وائسراءِ بڻائي ڇڏيندي. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ آڻڻ بدران عمران خان استعيفيٰ ڏي، حڪومتي اتحادي پارٽين کي به قومي مفادن لاٰءِ مني بجيٽ خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، مني بجيٽ منظور ٿيڻ جو مطلب پاڪستان ۽ عوام جي مستقبل تي غلامي جو ٺپو لڳائڻ آهي. شهباز شريف چيو ته گڏيل مخالف ڌر سان گڏجي پاڪستان ۽ عوام دشمن حڪومتي مني بجيٽ ۽ قانون جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، حڪومت جي رستا روڪ ڪئي ويندي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته مني بجيٽ مهانگائي سبب بدحال قوم لاءِ موت جو حڪمنامو آهي، وڌيڪ پيٽرول، بجلي، گيس مهانگي ٿيندي، قوم زندگي گذارڻ وڌيڪ ناممڪن ٿيندو، ظالم حڪومت مان ڇوٽڪارو ئي قوم لاءِ نجات آهي، قومي بجيٽ عوام سان دوکو هو.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...