اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ٽيپ جي جاچ لاءَ ڪميشن جوڙڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله، درخواست ڏيندڙ کان پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته اها پٽيشن ڪيئن ٻڌڻي جوڳي آهي؟، ڪنهن خلاف داخل ڪئي وئي آهي؟، اوهان جي درخواست حاضر سروس چيف جسٽس جي آڊيو بابت آهي؟. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته آڊيو ٽيپ اڳوڻي چيف جسٽس جي آهي، جنهن جي ڪوڙي يا جعلي هجڻ بابت پتو لڳائڻ ضروري آهي؟، آڊيو ٽيپ عدليه جي وقار کي نقصان پهچايو آهي، عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته عدالت کي چئلينجز آڏو آهن، بار عدليه جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪ ۾ سوشل ميڊيا بنا قائدن ۽ ضابطن جي هلي پئي، روز ڪجهه نه ڪجهه هلندو آهي، هر معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي ويندي؟. چيف جسٽس وڌيڪ رمارڪس ۾ چيو ته هو پهرين اٽارني جنرل کي نوٽيس موڪليندا، جنهن کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت پڇيو ويندو، عدالت کي رڳو قانون موجب حقيقتون ڏسڻيون آهن، اهو به ڏسڻو آهي ته فلڊ گيٽ نه کلي وڃي. درخواست ڏيندڙ صلاح الدين احمد ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، عدالت مناسب سمجهي ته ان کي به نوٽيس موڪلي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عدالت اوهان جو احترام ڪري ٿي، اوهان ڪجهه آڊيو ٽيپ مان مايوس آهيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جي آڊيو ٽيپ رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت ڪنهن وٽ آهي؟، ٽيپ ڪنهن ۽ ڪئين جاري ڪئي؟، ڇا اها آمريڪا ۾ ويٺل ماڻهو ڪئي؟. چيف جسٽس وڌيڪ رمارڪس ۾ چيو ته مبينا آڊيو ڪلپ رولڙي جو شڪار اپيلن واري ڪيس بابت آهي، جنهن جي ٽيپ آهي تنهن معاملو عدالت ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري آهي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته فرض ڪيو ٽيپ درست آهي ته اصل ڪلپ ڪنهن وٽ آهي، ائين ڪو به ڪلپ کڻي اچي جاچ جو چوندو. عدالت، ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت اٽارني جنرل کان مدد گهري ورتي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...