فيڊرل بورڊ آف روينيو موبائل فون ٽيڪس جي معاملي تي سنڌ هاءَ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان موبائل فون ڪال تي 5 منٽن بعد 75 پيسا لڳائڻ واري ٽيڪس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن کي ايف بي آر چئلينج ڪيو آهي. عدالت طرفان اهو حڪم مختلف موبائل ڪمپنين جي درخواست تي جاري ڪيو ويو هو. ايف بي آر داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 5 منٽن جي ڪال بعد 75 پيسا فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي قانون موجب آهي، فائنانس بل 22-2021ع ۾ ان جي منظوري ڏني وئي هئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل کي هاءِ ڪورٽ غلط قرار نٿي ڏئي سگهي، تنهن ڪري عدالت هاءِ ڪورٽ جي 18 آڪٽوبر واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...