فٽيجز……….ملير جي عدالت عرب شڪارين جي وڊيو رڪارڊنگ تان قتل ٿيل ناظم جوکئي ڪيس ۾ پنجن جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي 8 ڊسمبر تائين جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو الطاف تنيو جي عدالت ۾ عرب شڪارين جي وڊيو رڪارڊنگ تان قتل ٿيل ناظم جوکئي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد جوابدار سليم سالار، محمد خان، دودو سالار، محمد اسحاق سالار ۽ سومار سالار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جاچ پوليس آفيسر موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جي جاچ هلي رهي آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪيو وڃي. عدالت پنجن جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي 8 ڊسمبر تائين جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....