پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ويسٽ انڊيز کي نون رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڪراچي ۾ کيڏيل ٽي ٽوئڻٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان محمد رضوان 38، افتخار احمد 32، حيدر علي 31 ۽ شاداب خان 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز طرفان سمٿ 2، عقيل حسين، ٿومس، شيپرڊ ۽ واش هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان مليل 173 رنسن جواب ۾ مهمان ٽيم مقرر اوورن ۾163 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪيريبيئرن طرفان برنڊن ڪنگ 67، شيپرڊ 35 ۽ نڪولس پوران 26 رنسون ٺاهي ناميان رهيا، ائين پاڪستان دلچسپ مقابلي بعد نون رنسن تان نه رڳو ڪاميابي ماڻي پر سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، محمد نواز، عماد وسيم ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. شاداب خان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.