قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، نواز شريف ڏيهه اچي جيل ۾ وقت گذاريندو، بلوچستان مان محرومين جو خاتمو آندو ويندو. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قاسم سوري چيو ته وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، ملڪ ۾ شروع ڪيل منصوبا عوام لاءِ آهن. هن چيو ته بلوچستان مان محرومين جو خاتمو آندو ويندو، تحريڪ انصاف هڪ ئي آهي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلندي، بلوچستان مان محرومين جو خاتمو آندو ويندو. قاسم سوري چيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، نواز شريف ڏيهه اچي جيل ۾ وقت گذاريندو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جهڙي طرح ڪورونا کي منهن ڏنو دنيا ساراهه ڪئي، قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو ته دنيا ۾ اسلام فوبيا جو مسئلو آهي، وزيراعظم اسلام فوبيا بابت عالمي سطح تي آواز اٿاريو.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...