طالبان حڪومت افغانستان جي اليڪشن ڪميشن ختم ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، افغان حڪومت جي نائب ترجمان بلال ڪريمي انڊيپنڊنٽ اليڪشن ڪميشن آف افغانستان کي ختم ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته افغان اليڪشن ڪميشن جي هاڻ ڪابه ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اليڪشن ڪميشن ٺاهيندا. طالبان طرفان تحليل انڊيپنڊنٽ اليڪشن ڪميشن آف افغانستان جي سربراهه اورنگزيب جو چوڻ آهي ته طالبان اليڪشن ڪميشن ختم ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي، اهڙي قدم جا سنگين نتيجا نڪرندا.
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. سعودي سرڪاري ميڊيا...