ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ پوليس جي گھر تي مبينا ڇاپي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته اهلڪار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پير آباد پوليس موجب، جوهر آباد پوليس بنا اطلاع تي جي هڪ گھر تي ڇاپو هنيو جنهن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو. پير آباد پوليس جو چوڻ آهي ته جوهر آباد پوليس ڇاپي دوران ٽن ڄڻن جي مارجڻ جو نه ٻڌايو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ اطلاع مليو ته 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. پير آباد پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ شبير، يار گل ۽ عبدالله طور ٿي جڏهن ته زخمين ۾ پوليس ڪانسٽيبل ڪامل عباس ۽ شهري افتخار شاهه شامل آهي. پوليس موجب، مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، واقعي بابت وڌيڪ ڄاڻ ورتي پئي وڃي.