قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ۽ سياسي استحڪام سڌ ريت قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام سڌ ريت قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته نيازي سرڪاري ملڪي معيشيت سنڀالڻ ۾ ناڪام رهي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ عوام سخت تڪليف ۾ آهي، عوام اڳ ڪڏهن ايترو پريشان نه ٿيو هو جيترو اڄ ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جون پاليسيون ملڪ لاءِ تباهه ڪندڙ آهن، نيازي سرڪاري ملڪي معيشيت سنڀالڻ ۾ ناڪام رهي آهي.