ملير ۾ عرب شڪارين جي وڊيو رڪارڊنگ تان قتل ڪيل ناظم جوکيو ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، عدالت قطعي چالان پيش ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي. جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيل عملدار ايم پي اي ڄام اويس سميت ڇهن جوابدرن کي عدلت ۾ پيش ڪيو . ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر حتمي چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڊي وي آر، يو ايس بي بابت رپورٽ ۽ ٻيون رپورٽون نه مليون آهن، جنهن ڪري حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ کين وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. عدالت طرفان جاچ آفيسر کي حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ آخري 10 ڏينهن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....