سنڌ ۾ برسات پوڻ کانپوءِ مختلف شهر ۾ گندو پاڻي روڊن رستن تي بيٺل آهي، جڏهن ته انتظاميه برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن، مديجي ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. پنگرئي ۾ گذريل ڏينهن برسات سبب روڊن رستن تي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن سبب شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ٽائون ڪميٽي انتظاميه شاهي بازار، ڪنڀار محلي ۽ غريب آباد مان برسات جو گندو پاڻي اڃان تائين نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو آهي. مديجي جي ڳوٺ محمد مراد بروهي جي ايندڙ ويندڙ مک رستن تي برسات جو پاڻي بيهڻ خلاف انتظاميه ۽ ايڊمنسٽريٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن گل حسن بروهي، شاهه، بيگ بروهي، نادر علي، ثناالله ۽ منير مينگل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ڏينهن جي برسات پوڻ بعد اڄ ٻه ڏينهن گذري ويا آهن پر برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. سندن چوڻ هو يوسي تي هڪ روپيو به خرچ نه ٿي رهيو آهي برساتي پاڻي ڳوٺ ۾ تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي پر انتظاميه جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....