ٿرپارڪر ۾ معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نه ٽريو آهي، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا مٺي جي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا. ٿر ۾ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 12 تي پهچي ويو آهي. فوتي ٻارڙن ۾ 6 مهينن جو آحمن ولد الهرکيو، وڪيو نهڙي جو 20 ڏينھن جو ٻارڙو ۽ شبير جو ٻارڙو شامل آهي. ڪيترائي ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب سول اسپتال مٺي پڻ داخل آهن. هوڏانهن چيف جسٽس گلزار احمد جي دوري سبب اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جا پڻ انتظام ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد اڄ ٿر پهچندو، جنهن سبب آفيسرن ۾ ٿرٿلو متل آهي.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....