ملڪ ۾ ڪورونا وگھي وڌيڪ هڪ مريض فوت ۽ هڪ هزار 345 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ اٿارٽي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 46 هزار 537 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان هڪ هزار 345 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. اين سي او سي موجب عالمي وبا سبب حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 28 هزار 962 ۽ متاثرن جو انگ 13 لک 2 هزار 486 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 89 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ڪورونا جي 629 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...