ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 2 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته وڌيڪ هڪ هزار 467 ماڻهو عالمي وبا ۾ وٺجي ويا. اين سي او سي موجب پاران ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي صورتحال بابت جاري ڪيل انگ اکرن موجب هڪ ڏينهن اندر 43 هزار 540 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن ۾ هڪ هزار 467 ماڻهن کي ڪورونا جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ 13 لک 7 هزار 174 ٿي ويو. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 28 هزار 974 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا 615 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 3 ڏهائي 33 سيڪڙو رهي.
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...