شهدادڪوٽ پوليس شبانه ميرجت جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي ايس پي يار محمد رند ۽ ايس ايڇ او طفيل احمد احمداڻي اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس ڪارروائي ڪندي 5 جنوري تي نيو ڪمبوہ پاڙي ۾ 4 ٻارن جي ماءُ شبنا مير جت کي قتل ڪندڙ جوابدار مڙس برڪت مڱڻهار کي ڇاپو ھڻي گرفتار ڪيو ويو . سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سوڀو ڪاروڙ ڀرسان ٽانوري شاخ مان برڪت مڱڻهار کي گرفتار ڪيو ويو جنھن جي قبضي مان پسٽل ۽ چار گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ڊي ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار وٽان پاڻ سان گڏ کڻي ويل ٻه ٻار ريحان ۽ مھڪ کي به هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪيو ويو . ڊي ايس پي يار محمد رند چيو ته 11 ڊسمبر 2021 تي ڪلاسڪ شوروم لڳ نوجوان نظام الدين ڀٽي گوليون ھڻي قتل ۽ سندس سئوٽ عرفان علي کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو جنھن جا پنج جوابدار به گرفتار ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اختيار علي ڀٽي کي ڇاپو ھڻي اسلام آباد بني گالا مان گرفتار ڪري ورتو ۽ ٻين چار جوابدارن نظر محمد، ظفر علي، سردار علي ۽ غلام محمد ڀٽي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاج
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا....