عرب شڪارين جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تان قتل ٿيل نوجوان ناظم جوکئي جي قتل ڪيس ۾ نامزد پنج جوابدار ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد ملير جي عدالت مان فرار ٿي ويا. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ملير جي عدالت مان ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدار عبوري ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار ٿي ويا. فرار جوابدارن ۾ سليم سالار، دودو خان، محمد سومار، محمد اسحاق ۽ محمد خان شامل آهن. ملير جي عدالت فريادي ڌر پاران ڪيس دھشگردي جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ واري درخواست جي حمايت ڪندي ضمانت رد ڪرڻ واري حڪم سان گڏ پنھنجو رايو ڏنو. عدالت چيو ته ھي ڪيس دھشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن ڪري ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي. عدالت جو اھڙو فيصلو ٻڌندي ئي جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا. فريادي ڌر جي وڪيل سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي اڳواڻ ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته جوابدارن جي فرار ٿيڻ وقت هن جانچ آفيسر سراج لاشاري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو ته سراج لاشاري کيس جواب ڏنو ته سندس جانچ موجب اھي بي ڏوھي آھن ان ڪري هو گرفتار نه ڪندو نيٺ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا.
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاج
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خاتمو نه اچي سگهيو، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا....