ابوظهبي ۾ ٻن واقعن ۾ هڪ پاڪستاني سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته يمن ۾ حوثي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي اڏي کي ڊرون ذريعي نشانو بڻائڻ سبب نقصان ٿيو آهي. يو ايَ اي پوليس موجب ابوظهبي ۾ مصفح واري علائقي ۾ اسٽوريج ايريا ۾ ٽن فيول ٽينڪرن ۾ باهه لڳي وئي، جڏهن ته ابوظهبي انٽرنيشنل جي اڏاوت هيٺ عمارت واري حصي ۾ به باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب ڊونز سبب ٻنهي هنڌن تي باهه لڳي، اهي ڊرون ان علائقي ۾ ڪريا جتي باهه لڳي. عرب ميڊيا موجب ٽي فيول ٽينڪر ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا، جن ۾ هڪ پاڪستاني ۽ ٻه ڀارتي شهري شامل آهن. هوڏانهن يمن جي حوثي باغين ڊرون حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. حوثي باغين جي ترجمان موجب يو ايَ ايِ خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ابوظهبي ايئرپورٽ کي ڊورن ذريعي نشانو بڻايو ويو. واقعي بعد ڏکڻ ڪورين صدر ۽ دبئي جي ولي عهد وچ ۾ ملاقات به ملتوي ڪئي وئي آهي.
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. سعودي سرڪاري ميڊيا...