ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان پيرسن عورت جو لاش مليو، جڏهن ته بلديا ڀرسان روڊ حادثي ۾ نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. ريسڪيو موجب، ڊفينس فيز ون واري علائقي ۾ فليٽ مان پيرسن عورت جو لاش هٿ آيو جنهن جي سڃاڻپ 70 ورهين جـِي بانو صديق طور ٿي. ريسڪيو موجب، فوتي پيرسن عورت جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو، مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن بلديا واري علائقي ۾ سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ڀرسان روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. ريسڪيو موجب، فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، لاش ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...