سڄي دنيا ۾ ڪشميري اڄ ڀارتي يوم جمهوريا کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهن، حريت ڪانفرنس جي اپيل تي والاريل ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال، ڪاروبار بند ۽ روڊ رستا ويران، والاريل وادي ۾ ڀارت خلاف مظاهرا ۽ ريليون، قابض ڀارتي فوج وادي جي ڪيترن ئي علائقن کي فوجي بيرڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو مير واعظ عمر فاروق جو چوڻ آهي ته ڪشميري 75 ورهين کان آزادي جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڪشميرين جي خواهش کي چيٿارڻ لاءِ لکين ڀارتي فوجين کي به مقرر ڪيو ويو