اسٽل…آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ وزيراعظم هائوس جو دورو ڪيو. چين جي دوري کان اڳ آرمي چيف جنر قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم وزيراعظم هائوس جو دورو ڪيو، جتي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت وچ ۾ صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن موجب اهم اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران چين جي دوري بابت اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. اهم ملاقات دوران سڪيورٽي ۽ خطي جي صورتحال به ڳالهيون ڪيون ويون.